جمالين جو قبو

جمالين جو قبو

جمالين جو قبو

جمالين جو قبو -1: هيءُ قبو، اميد علي جماليءَ جي قبرستان، ديھه اين- 87 تعلقي نوابشاهه، ضلعي بينظيرآباد ۾ آهي. ھن مقبري جي اولھه ۾ 5 ڪلوميٽر پنڌ تي نواب شاھه جو شھر ۽ ڏکڻ ۾ اڌ ڪلوميٽر تي غلام رسول جماليءَ جو ڳوٺ آهي ۽ نواب شاھه- سانگھڙ روڊ وٽ قبرستان جي ڏاکڻي ڪناري تي آھي. ٺاري جماليءَ ۽ حاجي مير خان جماليءَ جا ڳوٺ ڏيڍ ڪلوميٽر پنڌ تي اتر ۽ اوڀر طرفن تي آھن. ھيءُ ماڳ اتر ويڪرائي ڦاڪ 260 15' 0'' ڊگريون ۽ اوڀر ڊگھائي ڦاڪ 680 26' 35'' ڊگرين تي موجود آھي. ھيءُ قبو رٿ ۾ چورس آھي، جيڪو 6.20x6.20 ميٽرن جي پکيڙ تي آهي، جنهن جي اوچائي 11 ميٽر آهي. مقبري جي ڏاوت ۾ پڪيون سرون، گل گارو، گچ گارو استعمال ٿيل آھي. اندر ھر ديوار طاقن سان سينگاريل آهي. اتر، ڏکڻ ۽ اولھه پاسي محراب وانگر ونگن سان جارا ٺھيل آھن. گنبذ جو ڳِچ (Drum) اٺڪنڊو آھي. ان ۾ ھوا جي گذر لاءِ جارا ٺاھيا ويا آھن. قبي جي ٻاھران رنگ روغن ٿيل آھي. گول گنبذ تي به روغن ٿيل آھي. هن جو لنگھه اوڀر ۾ آهي، جنهن جون ونگون راسن سان سينگاريل آھن. مھاڙي کان سواءِ باقي ٽن پاسن تي 15 پانيل آھن. مقبري جي ٻيڙ ٻني تي ڪنگرا ٺھيل آھن. ڇت مٿان ۽ گنبذ جي ھيٺان، گنبذ جو ڳچ اٺڪنڊو آھي. ان تي گول گنبذ ٺھيل آھي. گنبذ جي ڳچ تي پاسن کان برجيون ٺھيل آھن. گنبذ جي مٿان ڪنول جو ابتو گل ٺھيل آھي. گنبذ جو نمونو بڙا گنبذ مسجد دھليءَ جهڙو آھي. ھن تي چن جو پلستر ٿيل آھي. مقبرو سٺي حالت ۾ نه آھي. پاسن کان پلستر اکڙي ويو اٿس. سم ۽ ڪلر جي ڪري مقبري جون سرون کاڄي ويون آھن. ھيءُ مقبرو قديم آثارن واري کاتي جي سنڀال ھيٺ آھي .


هن صفحي کي شيئر ڪريو